جمشيد انصاري

جمشيد انصاري

جمشيد انصاري

جمشيد انصاري: ٽي. وي، ريڊيي ۽ اسٽيج جو مشهور فنڪار، جمشيد انصاريءَ، 31 ڊسمبر 1942ع ۾ سهارنپور ۾ پيدا ٿيو. پاڪستان جي قيام کان پوءِ سندس خاندان ڪراچيءَ ۾ اچي رهائش اختيار ڪئي، گريجوئيشن کان پوءِ هو لنڊن هليو ويو، جتي هن معروف نشرياتي اداري بي. بي. سيءَ ۾ ڪم ڪيو ۽ ٽيلي پروڊڪشن جا ڪورس به مڪمل ڪيا، 1968ع ۾ هو پاڪستان آيو ۽ هتي ريڊيو پاڪستان تي صداڪاريءَ جا جوهر ڏيکاريائين. هو ڊگهي عرصي تائين ريڊيو پاڪستان جي مشهور پروگرام ’حامد ميان ڪي هان‘ ۾ پنهنجي صلاحيتن جو مظاهرو ڪندو رهيو. هن 18 جنوري 1974ع تي شادي ڪئي. پاڪستان ٽيليويزن ۾ اچڻ کان پوءِ هن پي. ٽي. وي لاهور مرڪز جي ڊرامي ’جهروڪي‘ کان پنهنجي فني زندگيءَ جي شروعات ڪئي، پر کيس اصل شهرت ڪراچي مرڪز تان مـلـي، جـتـان هن حسينه معين جي لکيل ڊراما سيريلن: ’ڪرن ڪهاني‘، ’زير زبر پيش‘، ’انڪل عرفي‘ ۽ ’تنهائيان‘ ۾ يادگار ڪردار ادا ڪيا، هن جي ٻين سيريلن ۾: ’يس سر نو سر‘، ’آشيانا‘، ’خزان ڪا راز‘، ’رفته رفته‘، ’برگر فيملي‘، ’رات ريت اور هوا‘، ’زهي نصيب‘، ’مالونيم شب‘ ۽ ’چاند بابو‘ اهم آهن. هن 24 آگسٽ 2005ع تي ڊگهي علالت کانپوءِ ڪراچيءَ ۾ وفات ڪئي .


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1942.12.31  عيسوي

جمشيد انصاريءَ ، 31 ڊسمبر 1942ع ۾ سهارنپور ۾ پيدا ٿيو .


2005.08.24  عيسوي

جمشيد انصاري 24 آگسٽ 2005ع تي ڊگهي علالت کانپوءِ ڪراچيءَ ۾ وفات ڪئي .



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

حاجي ولي محمد نظاماڻي
مولانا قاضي عبدالقادرسرهيو
صاحب بن عبدالرحمان
رحيم فقير ڪلهوڙو
راهو علي محمد
بيبي بتول
قربان جيلاني
اشعري
حنا رباني کر
خدا بخش خان ٽالپر ضياء
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون